اصول ۽ قانوني پابنديون
واپسهي نيٽ ورڪ مقامي ملڪي قانونن جي مڪمل پاسداري ڪري ٿو. ڪنهن به قسم جي غير قانوني سرگرمي قانوني ڪارروائيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
۱. مقامي قانونن جي پابندي:
هيلو سنڌ پليٽ فارم ملڪي ۽ مقامي قانونن جي مڪمل طور پاسداري ڪري ٿو. ڪنهن به قسم جي غير قانوني سرگرمي، نفرت انگيز تقرير، ۽ ملڪي سلامتيءَ جي خلاف مواد تي سخت پابندي آهي. اهڙو مواد فوري طور هٽايو ويندو ۽ سنگتي جو اڪائونٽ بلاڪ ڪيو ويندو.
۲. ٻوليءَ جي پابندي:
پليٽ فارم تي شايع ٿيندڙ هر پوسٽ ۽ جواب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ۸۰٪ سنڌي اکر هجڻ لازمي آهن. ٻين ٻولين جو غير ضروري استعمال پليٽ فارم جي مقصد جي خلاف آهي.
۳. اخلاقي حدون ۽ احترام:
ٻين سنگتين جو احترام ڪريو. ڪنهن به قسم جي ذاتي حملي، گاريون ڏيڻ، يا ممنوع لفظن جي استعمال جي صورت ۾ خودڪار سنسرشپ لاڳو ٿيندي ۽ انتظاميا پاران تنبيه موڪلي سگهجي ٿي.
۴. فيئر يوزيج (پوسٽن جي حد):
نيٽ ورڪ تي اسپيم کان بچڻ لاءِ پوسٽن ۽ جوابن تي روزانه حدون مقرر ٿيل آهن، جن جي سنگتين کي پابندي ڪرڻي پوندي.